’خاڪي‘ سيد احمد شاهه

خاڪيسيد احمد شاهه: احمد شاهه '>سيد احمد شاههخاڪي‘ 1908ع ڌاري ڳوٺ ابل جي وسي، تعلقي بدين ۾ جنم ورتو. سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس همعصر شاعرن ۾ حاجي پير بخش فاروقي، قاضي گل حسن عباسي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح شامل آهن. هن جو ڪلام غزلن، ڪافين ۽ لوڪ ادب جي صنفن تي مشتمل آهي. هن 1943ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مڙهه فتح محمد شاهه جي مقام، راڄو خاناڻيءَ ويجهو ڳوٺ دودي ڪوريءَ ۾ دفن ڪيو ويو، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مٿي انگور اوڀڙ ٿي، پون بوندون بهاريءَ جون،
سدائين ساوڪون سونهن، ڀلايون ڀال باريءَ جون،
پيو پاڻي پٽن پهريو، پلر پوٺن مٿي پلٽي،
برن ۾ باس خوشبو جي، فرحتون غمگساريءَ جون،
(حوالو: سنڌي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو